پنجاب جي بجيٽ سڀاڻي پيش ٿيندي، پگهارن ۽ پينشن ۾ واڌ نه ڪئي ويندي

لاهور: پنجاب جو بجيٽ سڀاڻي پيش ڪيو ويندو پر پگهارن ۽ پينشن ۾ واڌ نه ڪئي ويندي. رپورٽ موجب پنجاب جي ايندڙ مالي سال لاءِ بجيٽ 22 کرب 40 ارب روپيه هوندو. جيڪو هلندڙ مالي سال جي 1812 ارب روپين جي نظرثاني ٿيل بجيٽ کان 428 ارب روپيه يعني 23 سيڪڙو وڌيڪ هوندو.

وفاق کان پوءِ پنجاب حڪومت نئين مالي سال جي بجيٽ جي حتمي شڪل ڏئي ڇڏي آهي. ايندڙ مال سال جي بجيٽ ۾ خرچن جو گڏيل  حجم 2115 ارب روپيه لڳايو ويو آهي. جنهن ۾ خرچن جو حجم 1778 ارب روپيه لڳايو ويو آهي. جڏهن ته ترقياتي خرچن لاءِ 337 ارب روپيه رکيا ويا آهن.

پنجاب جو ايندڙ مالي سال جو بجيٽ 12 ارب روپيه سرپلس هوندو. پنجاب ۾ ٽيڪسن جي شرح اڳ کان گهٽ ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي.  جڏهن ته پنجاب ۾ ڪوبه نئون ٽيڪس لاڳو نه هوندو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔