حڪومت تحريڪ انصاف سان رابطن، ملاقاتن ۽ ڳالهين جي ترديد ڪري ڇڏي

اسلام آباد: وفاقي سرڪار پاڪستان تحريڪ انصاف سان رابطن، ملاقاتن ۽ ڳالهين جي ترديد ڪري ڇڏي آهي. نجي چينل سان ڳالهيون ڪندي وفاقي وزير اطلاعات عطا تارڙ چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جي اسد قيصر سان ملاقات نه ٿي آهي. هن چيو ته قومي اسمبلي جي اسپيڪر اياز صادق سان تعزيت لاءِ حڪومت ۽ پي ٽي آءِ جا ماڻهو اچي رهيا آهن انهي دوران انهن جون پاڻ ۾ ملاقاتون ٿي رهيون آهن پر انهي ڳالهه ۾ ڪابه سچائي نه آهي ته باضابطه ڳالهيون شروع ٿيون آهن. عطاءُالله تارڙ چيو ته پهريان پي ٽي آءِ 9 مئي ۽ 26 نومبر جي واقعن تي شرمندگي جو اظهار ته ڪري.

هن چيو ته پي ٽي آءِ وارن جي ڳالهين جو ڀروسو ڪير ڪندو ۽ انهن جي گارنٽي ڪير ڏيندو. 26هين آئيني ترميم جي موقعي تي به هي پنهنجون ڳالهيون مڃرائي آخري وقت ۾ ڦري ويا هئا.  انهي کان اڳ بيرسٽر گوهر کي جواب ڏيندي وفاقي وزير عطاءُالله تارڙ چيو ته 9 مئي تي مٽيءَ اڏائيندڙ اڄ مٽيءَ کي ويهارڻ جون ڳالهيون ڪري رهيا آهن. هن چيو ته تحريڪ انتشار گولي هلڻ جا ڪوڙا بيان ٺاهي رهي آهي، جيڪڏهن گولي هلي ته ثبوت سامهون ڇو نٿا آڻيو؟ ڀڄي ويا، موقعي تان ڀچندڙ هاڻ مختلف بهانا  ٺاهي رهيا آهن.

عطاءُالله تارڙ چيو ته غليلن، بلورن، پٿرن، اسٽين گنز ۽ هٿيارن سان ليس شرپسندن چڙهائي ڪئي، پوليس ۽ رينجرز جي جوانن کي شهيد ۽ زخمي ڪيو ويو انهي نقصان جو هرجاڻو ڪير ڏيندو؟ شهيد جوانن جو رت ڪنهن جي هٿ تي ڳولا ڪريو. وفاقي  اطلاعات واري وزير چيو ته انهن سوالن جا جواب ڏيو الزام لڳائي منهن نه ڦيريو، 9 مئي سانحي جا سمورا ثبوت موجود آهن. تحريڪ انصاف جي پوري قيادت 9 مئي سانحي ۾ ملوث آهي.

ياد رهي ته انهي کان اڳ اها خبر سامهون آئي هئي ته وفاقي حڪومت ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف وچ ۾ رابطا بحال ٿي ويا آهن.  خبر موجب قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق سان پي ٽي آءِ اڳواڻن اسپيڪر هائوس ۾ ملاقات ڪئي جنهن ۾ بيرسٽر گوهر، عمر ايوب، صاحبزاده حامد رضا ۽ قانون وپارلياماني معاملن وارو وزير اعظم نذير تارڙ به موجود هئا. ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته پي ٽي آءِ ڳالهين لاءِ پنهنجي اڳواٽ مطالبن کان پوئتي هٽي وئي آهي، پي ٽي آءِ 9 مئي ۽ 26 نومبر تي جوڊيشل ڪميشن چاهي ٿي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔