ڪراچي: پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ 100 انڊيڪس جا نوان رڪارڊ ٺاهڻ جو سلسلو جاري آهي.اسٽاڪ مارڪيٽ جو 100 انڊيڪس 1 هزار 161 پوائنٽس وڌي 1 لک 9 هزار 400 جي سطح تي پهچي ويو.ٽريڊنگ دوران انڊيڪس جي نئين بلند ترين سطح هن وقت تائين 1 لک 9 هزار 478 ٿي وئي آهي.ڪالهه ڪاروبار بند ٿيڻ تي انڊيڪس 1 لک 8 هزار 238 پوائنٽس تي بند ٿيو. ٻئي طرف انٽر بئنڪ ۾ اڄ آمريڪي ڊالر 6 پئسا مهانگو ٿي ويو آهي.انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 278 رپيا 6 پئسا مهانگو ٿي ويو.ڪالهه ڪاروبار بند ٿيڻ تي انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 277 رپيا 94 پيسا تي هو.