باجوڙ ۾ ٻن ڌماڪن ۾ پوليس اهلڪار سميت 2 ڄڻا مارجي ويا

باجوڙ : باجوڙ ۾ ٻن ڌماڪن ۾ هڪ پوليس اهلڪار سميت 2 ڄڻا مارجي ويا،ڊي پي او وقاص رفيق ٻڌايو ته ڇنڇر جي صبح باجوڙ ضلعي جي تعلقي ماموند ۾ ٻن ڌار ڌار بم ڌماڪن ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا.وقاص رفيق چيو ته پهريون بم ڌماڪو لوئي ماموند ٿاڻي جي علائقي عرب ۾ ٿيو جنهن ۾ ملڪ اصغر مارجي ويو،ٻيو ڌماڪو لوئي ماموند ٿاڻي جي مينا خور واري علائقي ۾ ٿيو جنهن ۾ پوليس اهلڪار احسان الله مارجي ويو،ڊي پي او جو چوڻ آهي ته پوليس ڌماڪي جي واقعي کانپوءِ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي پر اڃا تائين ڪنهن به واقعي جي ذميواري قبول نه ڪئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔