پشاور : خيبرپختونخواهه جي قبائلي ضلعي پشاور ۾ مسافر گاڏين تي هٿياربندن جي فائرنگ جي نتيجي ۾ 15 ڄڻا مارجي ويا.نجي ٽي وي موجب ڪرم ضلعي ۾ پارا چنار کان پشاور ويندڙ گاڏين جي قافلي تي هٿياربندن فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ 15 ڄڻا مارجي ويا.پوليس اختيارين موجب فائرنگ ۾ 3 عورتن سميت ڪيترائي ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.واقعي بعد سڪيورٽي اختيارين علائقي کي ڪڙو چاڙهي جوابدارن جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي آهي.