ايندڙ 3 ڏينهن دوران ملڪ ۾ پيٽرول جي صورتحال بهتر ٿي ويندي: عمر ايوب

پشاور: پيٽروليم واري وفاقي وزير عمر ايوب دعويٰ ڪئي آهي ته ايندڙ ٽن ڏينهن دوران ملڪ ۾ پيٽرول جي صورتحال بهتر ٿي ويندي.

پشاور هاءِ ڪورٽ ٻاهران صحافين سان ڳالهيون ڪندي عمر ايوب چيو ته جيڪي ذخيره اندوزي ڪري رهيا آهن انهن جي خلاف ڪارروائي ڪري رهيا آهيون.

هي مافيا عوام تائين پيٽرول جو فائدو نه پئي پهچائڻ ڏئي ۽ هن مافيا جي خلاف پهريون ڀيرو ڪارروائي ٿي رهي آهي. وفاقي وزير دعويٰ ڪئي ته ايندڙ ٽن ڏينهن دوران صورتحال بهتر ٿي ويندي. عمر ايوب وڌيڪ چيو ته پيٽرول جي گهرج 30 سيڪڙو وڌي وئي آهي.

واضح رهي ته پاڪستان ۾ پيٽروليم وارين شين جي اگهن ۾ لاٿ کان پوءِ پهرين جون کان سڄي ملڪ جي پيٽرول پمپن تي پيٽرول نه ملڻ جون شڪايتون  اچي رهيون آهن ۽ حڪومت هينئر تائين هن مسئلي کي حل ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي.

ملڪ جي مختلف شهرن ۾ پيٽرول جي کوٽ برقرار آهي، ڪيترائي پيٽرول پمپ کليل ته آهن پر انهن تي پيٽرول نه ملي رهيو آهي ۽ جن پمپن تي پيٽرول ملي پيو اتي صارفين جون وڏيون لائنون لڳل آهن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔