پشاور: خيبرپختونخواهه جي ضلعي اتر وزيرستان جي علائقي ميرانشاهه ويجهو سيڪيورٽي فورس جي گاڏي تي ٿيندڙ حملي ۾ 2 اهلڪار شهيد ٿي ويا.
آءِ ايس پي آر موجب اتر وزيرستان جي علائقي ميرانشاهه ۾ سيڪيورٽي فورس جي گاڏي معمول جي گشت تي هئي ته ان کي هينڊ گرنيڊ ذريعي نشانو بنايو ويو.
آءِ ايس پي آر موجب حملي ۾ 2 اهلڪار شهيد ۽ 2 زخمي ٿي پيا. شهيدن ۾ صوبيدار عزيز ۽ لانس نائيڪ مشتاق شامل آهن.