آرمي چيف جي مائيڪروسافٽ جي باني بل گيٽس سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻول

راولپنڊي: آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه پوليو مهم کي قومي فرض قرار ڏيندي چيو آهي ته پاڪ فوج پوليو مهم ۾ سيڪيورٽي ۽ پوليو ٽيمن جي طريقيڪار کي بهتر بنائڻ ۾ تعاون ڪري رهي آهي.

ڊي جي ميجر جنرل بابر افتخار موجب جنرل قمر جاويد باجوه اهي ڳالهيون مائيڪروسافٽ جي باني بل گيٽس سان ٿيندڙ ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه دوران ڪيون. آءِ ايس پي آر موجب ٽيليفون تي ڪيل ڳالهه ٻولهه پاڪستان ۾ پوليو جي خاتمي لاءِ جاري مهم جي حوالي سان هيون.

آرمي چيف بل گيٽس سان ٿيندڙ ڳالهين دوران چيو ته ڪورونا جي باوجود پاڪ فوج حڪومت جي پوليو کان بچاءُ واري مهم جي تيارين ۾ شامل آهي. جنرل قمر جاويد باجوه چيو ته پاڪ فوج وفاق ۽ صوبائي حڪومتن جي صحت واري شعبي جي اهم قدمن ۾ ڪردار ادا ڪيو آهي. آءِ ايس پي آر موجب پاڪ فوج جي سربراهه چيو ته پوليو مهم ۾ ڪم ڪندڙ هيلٿ ورڪرز ڪورونا جي خلاف فرنٽ لائن تي ڪم ڪيو آهي.

آرمي چيف قمر جاويد باجوه بل گيٽس سان ڳالهين دوران اهي به ارادا ظاهر ڪيا ته پاڪستان جي بهتري ۽ عوام جي فلاح جي لاءِ ڪنهن به ڪم جي حمايت ڪنداسين. آءِ ايس پي آر موجب ڳالهين دوران وبا جي مستقبل ۽ ٽيڪنالاجي جي ذريعي صحت واري نظام کي بهتر بنائڻ تي به ڳالهين جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

پاڪ فوج جي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوه بل گيٽس ۽ ان جي فائونڊيشن پاران بيمارين جي خاتمي لاءِ ڪيل ڪردار تي ٿورو ادا ڪيو. ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل بابر افتخار موجب مائيڪرو سافٽ جي باني بل گيٽس پاڪ فوج جي پوليو مهم ۾ ڪردار جي تعريف ڪئي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔