سنڌ حڪومت پاران صوبي ۾ 2هفتن لاءِ سخت لاڪ ڊائون تي غور

ڪراچي: سنڌ حڪومت ڪورونا ڪيس ۽ فوتگين جي شرح ۾ لاڳيتو واڌ کان پوءِ هڪ دفعو ٻيهر صوبي ۾ سخت لاڪ ڊائون تي غور شروع ڪري ڇڏيو آهي.

ذريعن موجب ڪورونا ڪيس ۽ فوتگين جي شرح ۾ لاڳيتو واڌ ۽ صحت جي عالمي اداري واري رپورٽ جي روشني ۾ سنڌ حڪومت 2 هفتن جي لاءِ لاڪ ڊائون ۽ ٻين پابندين تي غور ڪري رهي آهي. ان سلسلي ۾ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه پارٽي اڳواڻن سان صلاح مشورا به شروع ڪري ڇڏيا آهن.

لاڪ ڊائون جي معاملي تي وفاقي حڪومت کي به اعتماد ۾ ورتو ويندو ۽ چئني صوبائي حڪومتن سان به رابطا ڪيا ويا آهن. سنڌ حڪومت جو موقف آهي ته ڪورونا وائرس جي تازي صورتحال جي حوالي سان صحت جي عالمي اداري جي سفارشن تي عمل ڪيو وڃي.

ڪابينه ذريعن جو چوڻ آهي ته سنڌ ڪابينه جي ميمبرن  جي تجويز موجب سخت لاڪ ڊائون ڪري مقرر ڏينهن دوران وڏي پيماني تي ٽيسٽنگ ڪري سگهجي ٿي. ان سان وائرس جي پکيڙ کي ته نٿو روڪي سگهجي پر ڪورونا مريض  کي هٿ ڪري کين آئسوليٽ ضرور ڪري سگهجي ٿو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔