ملڪ ۾ رڪارڊ 5هزار 834ڪيس رپورٽ، 101 فوتگيون

اسلام آباد: پاڪستان ۾ ڪورونا جا متاثر تيزي سان وڌڻ لڳا. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جي تصديق ٿيل ڪيسن جو انگ هڪ لک 19 هزار 536 تائين پهچي ويا.

جڏهن ته هڪ ڏينهن ۾ 101 ڄڻا فوت ٿي ويا. جنهن کان پوءِ فوتين جو انگ 2 هزار 356 ٿي ويو آهي. نشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جي تازن انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران 5 هزار 834 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.

پنجاب ۾ 45 هزار 463، سنڌ ۾ 43 هزار 709، خيبرپختونخواهه ۾ 15 هزار 206 بلوچستان ۾ 7 هزار 335، گلگت بلتستان ۾ هڪ هزار 18، اسلام آباد ۾ 6 هزار 236، جڏهن ته آزاد ڪشمير ۾ 488 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. سڄي ملڪ ۾ هنيئر تائين 7 لک 80 هزار 825  ڄڻن جا ٽيسٽ ڪيا ويا.

گذريل 24 ڪلاڪن دوران 26 هزار 573 نوان ٽيسٽ ڪيا ويا. هينئر تائين 38 هزار913 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن. جڏهن ته ڪيترن ئي مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. پاڪستان ۾ ڪورونا وگهي هڪ ئي ڏينهن دوران 101 ڄڻا فوت ٿي ويا جنهن کان پوءِ وائرس سبب فوت ٿي ويلن جو انگ 2 هزار 356 ٿي ويو آهي.

سنڌ ۾ 738، پنجاب ۾ 841، خيبرپختونخواهه ۾ 619، اسلام آباد ۾ 62، گلگت بلتستان ۾ 14، بلوچستان ۾ 73 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 9 مريض حياتيون وڃائي ويٺا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔