اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پاران کنڊ 70روپيه في ڪلو وڪرو ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کنڊ جي اگهن ۾ واڌ تي انڪوائري ڪميشن  جي رپورٽ خلاف درخواست جي ٻڌڻي دوران  سڄي ملڪ ۾ عام ماڻهن جي لاءِ کنڊ 70  روپيه في ڪلو وڪرو ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

چيف جسٽس اسلام آٻاد هاءِ ڪورٽ جسٽس اطهر من الله کنڊ جي اگهن ۾ واڌ تي  جاچ ڪميشن جي رپورٽ خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. شوگرملز ايسوسيئيشن جي وڪيل  علي خان عدالت جي آڏو پنهنجي دليلن ۾ چيو ته آئين ۾ وفاق ۽ صوبن جي اختيارن جو ڌار ڌار ذڪر موجود آهي. فيبروري ۾ ڪارروائي جي لاءِ ايڊهاڪ ڪميٽي ٺاهي وئي. ڪميٽي وفاقي حڪومت کي لکيو آهي ته ڪميشن کي قانوني تحفظ فراهم ڪيو وڃي. ان جي لاءِ ڪميٽي کي ڪميشن ۾ تبديل ڪيو وڃي. جيئن ڪميشن تجويز ڏني هئي  تيئن ئي ڪميشن بڻجي ويو. جاچ ڪميشن شوگرملز جي فرانزڪ آڊٽ جي لاءِ وفاقي حڪومت کي لکيو.

ڪميشن 324 صحفن جي رپورٽ ۾ تمام گهڻا سبب بيان ڪيا آهن. ڪميشن پنهنجي ٽي او آر کان ٻاهر وڃي ڪارروائي ڪئي. خاص معاون ۽ ٻين وزيرن جي ذريعي اسان جو ميڊيا ٽرائل ڪيو پيو وڃي. جسٽس اطهر من الله چيو ته کنڊ عام ماڻهو جي ضرورت آهي. حڪومت کي به ان حوالي سان ئي قدمن کڻڻ گهرجن. عام ماڻهو جو بنيادي حق آهي. 30 سيڪڙو کنڊ عام ماڻهن جي لاءِ هوندي آهي جنهن مقصد جي لاءِ ڪميشن ٺاهيو ويو هو ان تي عمل نه ٿيو. ڪميشن کي عام ماڻهو لاءِ کنڊ جي سهوليت فراهم ڪرڻ لاءِ ڪجهه ڪرڻو هو پر اهو نه ڪيو ويو. حڪومت يوٽيلٽي اسٽورن تي به سبسيڊيائز کنڊ 80 روپيه ڪلو وڪرو ڪري رهي آهي. هتي عام ماڻهو جو سوال سامهون آيو آهي پر اهو سوال ڪنهن اٿاريو ئي ناهي. جيڪڏهن ڪميشن عام ماڻهو کي کنڊ جي دستيابي جي حوالي سان ڪجهه نه ڪيو ته پوءِ هنن ڪيو ڇا آهي.؟

چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي پڇاڻي تي مخدوم علي خان ٻڌايو ته نومبر 2018 ۾ کنڊ جا اگهه 53 روپيه هئا، جنهن تي جسٽس اطهر من الله چيو ته 2 سالن ۾ کنڊ جي قيمت 53 کان 85  روپيه في ڪلو ٿي وئي. کنڊ غريب ماڻهو جي ضرورت آهي. عام ماڻهو اهڙن فيصلن سان ڇو متاثر ٿي رهيو آهي.؟  اها شيءَ ڪميشن کي نوٽ ڪرڻ گهرجي ها. ڪميشن عام ماڻهو جي سهوليت لاءِ ڪابه فائنڊنگ ناهي ڏني. کنڊ هڪ مزدور جي ضرورت آهي پر هي ڪوڪاڪولا تي سبسڊي ڏئي رهيا آهن. عام ماڻهو کي بنيادي حق ڇو نه پيا ڏنا وڃن.

چيف جسٽس اطهر من الله مخدوم علي خان کان پڇاڻو ڪيو ته هي عدالت عام طور تي ايگزيڪٽو جي معاملن ۾ مداخلت نه ڪندي آهي. اسان حڪومت کي نوٽيس موڪلي پڇي ٿا وٺون. پر اوهان ان وقت تائين 70 روپيه ڪلو کنڊ وڪرو ڪريو. اوهان کي شرط منظور آهي ته اسان ايندڙ ٻڌڻي تائين حڪومت کي ڪارروائي کان روڪي ڇڏيون ٿا. ان حوالي سان چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ايڊيشنل اٽارني جنرل کان  پڇاڻو ڪيو ته وفاق عدالت جي آپشن جي مخالفت ڪندو.؟ جنهن تي ايڊيشنل اٽارني جنرل طارق چيو ته حڪومت ان جي مخالفت نه ڪندي.  اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ايندڙ ٻڌڻي تائين سڄي ملڪ ۾ عام ماڻهو جي لاءِ کنڊ 70 روپيه في ڪلو وڪرو ڪرڻ جو حڪم ڏيندي شوگر ملز ايسوسيئيشن جي حق ۾ مشروط حڪم امتناع جاري ڪري ڇڏيو.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار آفيس کي ڪيس 10 ڏينهن کان پوءِ ٻڌڻي جي لاءِ مقرر ڪرڻ جي هدايت ڏيندي ڪابينه ڊويزن جي سيڪريٽري، گهروسيڪريٽري، وزيراعظم جي خاص معاون مرزا شهزاد اڪبر، ڊي جي ايف آءِ اي،  ڊي جي اينٽي ڪرپشن پنجاب، ڊپٽي ڊائريڪٽر آءِ بي، ايس اي سي پي، اسٽيٽ بينڪ ۽ ايف بي آر جي ڊي جي انويسٽيگيشن اينڊ انٽيليجنس کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔