آسٽريليا ۾ ورلڊ ڪپ جو ميلو شروع ٿيندو يا نه؟ فيصلو اڄ ٿيڻ جو امڪان

دبئي: آسٽريليا ۾ هلندڙ سال ٽوئنٽي 20 ورلڊ ڪپ ميلو شروع ٿيندو يا نه؟ ان حوالي سال فيصلو اڄ ٿيڻ جو امڪان آهي.

انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل جي بورڊ ميٽنگ 28 مئي تي ٿي هئي پر حيران  ڪندڙ طور تي چيئرمين ششانگ منوهر اهم معاملن جي ظاهر ٿيڻ جو جواز بنائيندي 10 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏيو هو.

آءِ سي سي بورڊ جي ٽيلي ڪانفرنس اربع تي ٿيندي جنهن ۾ ڪجهه اهم  فيصلن جا امڪان آهي. ڪورونا وائرس سبب 3 مهينن کان ڪرڪيٽ جون سرگرميون معطل آهن جنهن سبب فيوچر ٽور پروگرام سخت متاثر ٿيو آهي.

بورڊ جي ميمبرن لاءِ ري شيڊولنگ ڊيڄاريندڙ خواب بڻجي چڪي آهي. ٽي 20 ورلڊ ڪپ جو فيصلو به لاڳيتو دير جو شڪار آهي.

اجلاس ۾ هلندڙ سال آڪٽوبر، نومبر ۾ آسٽريليا ۾ شيڊول ميگا ايونٽ جي وقت تي منعقد يا ملتوي ڪرڻ جي فيصلي جو امڪان آهي. ملتوي هجڻ جي صورت ۾ نئين تاريخن تي به غور ڪيو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔