دنيا ۾ ڪورونا جا 73لک 43هزار کان وڌيڪ ڪيس

نيويارڪ: سڄي دنيا ۾ ڪورونا وگهي فوتين جو انگ 4 لک 14 هزار کان مٿي ٿي ويو آهي جڏهن ته متاثر ماڻهن جو انگ 73 لک 43 هزار 807 ٿي ويو آهي.

ڪورونا وائرس مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 36 لک 21 هزار کان وڌيڪ آهي. سڄي دنيا ۾ ڪورونا سبب متاثر 45 هزار 22 ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي جڏهن ته 32 لک 58 هزار 873 ماڻهن جي حالت بهتر آهي. آمريڪا ۾ 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 269 فوتگيون ٿيون آهن ۽ فوت ٿي ويلن جو گڏيل انگ هڪ لک 14 هزار کان وڌي ويو آهي.

آمريڪا ۾ 20 لک 45 هزار کان وڌيڪ ماڻهن ۾ ڪورونا وائرس جي سڃاڻپ ٿي آهي. برازيل آمريڪا کان پوءِ 6 لک کان وڌيڪ ڪورونا جي ڪيسن وارو ملڪ بڻجي ويو آهي جتي گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 813 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا. برازيل ۾ ڪيسن جو انگ 7 لک 42 هزار تائين پهچي ويو آهي. جڏهن ته 38 هزار 4 سئو کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن. روس ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ 112 ڄڻا فوت ٿي ويا جنهن کان پوءِ روس ۾ فوتين جو انگ 6 هزار 1 سئو کان مٿي ٿي ويو.

روس ۾ ڪورونا سبب متاثر ماڻهن جو انگ 4 لک 85 هزار کان وڌي ويو آهي. برطانيه ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 55 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا. جنهن کان پوءِ فوتين جو انگ 40 هزار 8 سئو کان وڌي ويو. جڏهن ته 2 لک 89 هزار کان وڌيڪ ماڻهو ڪورونا وائرس مان متاثر آهن. برطانيه ۾ ڪورونا ٽيسٽ اينڊ ٽريس سسٽم لاڳو ڪيو ويو آهي ۽ ڪورونا مريضن سان ملاقات لاءِ ايندڙن کي آئسوليٽ ڪيو پيو وڃي. 

اٽلي ۾ ڪورونا سبب فوتين جو انگ 34 هزار کان مٿي ٿي ويو آهي جڏهن ته 2 لک 35 هزار کان وڌيڪ ماڻهو متاثر ٿي چڪا آهن. ڀارت ۾ ڪورونا سبب فوت ٿي ويل ماڻهن جو انگ 7 هزار 7 سئو کان وڌي ويو آهي. جڏهن ته متاثر ماڻهن جو انگ 2 لک 76 هزار کان وڌيڪ ٿي ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔