وزيراعليٰ هائوس ۾ پيپلز پارٽي جي گهڻ جماعتي ڪانفرنس

ڪراچي : وزيراعليٰ هائوس ۾ پيپلز پارٽي جي گهڻ جماعتي ڪانفرنس جاري، وزيراعليٰ هائوس ڪراچيءَ ۾ پ پ جي ميزبانيءَ هيٺ جاري گهڻ جماعتي ڪانفرنس دوران متحده اڳواڻن جو احتجاج، ڏهين اين ايف سي، 18هين ترميم، ڪورونا وائرس ۽ پاڪستان اسٽيل ملز مان ملازمن جِي نيڪالي وارَن معاملن تي جاري ملٽي پارٽيز ڪانفرنس دوران وڏي وزير طرفان ڪورونا بابت بريفنگ ڏني وئي، متحده پاڪستان، نواز ليگ، اي اين پي، سني تحريڪ، جماعت اسلامي، ايس اين پي، جي يو آءِ ف، پي ايس پي ۽ مجلس وحدت المسلمين جا اڳواڻ شريڪ، ايس ٽي پي سربراهه به موجود، ڪانفرنس ۾ جي ڊي اي، عوامي تحريڪ، ايس يو پي ۽ قومي عوامي تحريڪ شرڪت نه ڪئي. ڪانفرنس دوران آگاهي ڏيندي وڏي وزير مراد علي شاهه ٻڌايو ته سنڌ ملڪ جو واحد صوبو آهي جتي 9 ضلعن ۾ ڪورونا ٽيسٽ جون سهولتون آهن، لاڪ ڊائون سان عوام کي تڪليف پهتي، پر ڪورونا تي جي پکيڙ گهٽ ٿي، هن چيو ته اين ايف سي ڪميشن تي اعتراضن بابت وزير اعظم کي خط لکيو آهي، صرف سنڌ سرڪار مٿان تنقيد سهي ڪونهي، اسان ڪورونا کي روڪڻ لاءِ هر قدم کنيا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔