وفاقي سرڪار طرفان مالي سال 2019-20 دوران هدف پورا نه ٿيڻ جو اعتراف

اسلام آباد :وفاقي سرڪار طرفان مالي سال 2019-20 دوران هدف پورا نه ٿيڻ جو اعتراف، ناڻي کاتي بابت وزيراعظم جي صلاحڪار حفيظ شيخ اسٽيٽ بئنڪ کان سڄو سال قرض نه وٺڻ جي دعويٰ ڪندي چيو آهي ته وفاقي سرڪار جي اثرائتين پاليسين سبب استحڪام ڏانهن ويندڙ معيشت کي ڪورونا نقصان پهچايو، ماضيءَ ۾ ورتل 5 ارب رُپين جو قرض واپس ڪيو ويو، پريس ڪانفرنس دوران حفيظ شيخ طرفان پيش ڪيل اقتصادي سروي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته مالي سال 2019-20 زرعي شعبي جي ترقيءَ لاءِ هدف 3.5 مقرر ڪيو، پر 2.7 سيڪڙو تائين هدف حاصل ٿي سگهيو، مهانگائيءَ جي شرح 8.5 سيڪڙو بدران 9.1 سيڪڙو رهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔