اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ڪي پي هائوس ڊِي سِيل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو
هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق ڪي پي هائوس سيل ڪرڻ خلاف درخواست جي ٻڌڻي هلائي، سي ڊي اي جي وڪيل چيو ته ڪي پي هائوس جي ليز 2014 ۾ ختم ٿي چڪي آهي
چيف جسٽس عامر فاروق پڇيو ته سي ڊي اي نوٽيس ڪڏهن جاري ڪيا هئا؟ هڪ نوٽيس هائوس سيل ڪرڻ کان اڳ به جاري ڪرڻو هو نه، هڪ صوبي جو هائوس آهي، ان کي سيل ڪرڻ شرمندگي وارو ڪم آهي
چيف جسٽس عامر فاروق چيو ته مان ڪي پي هائوس ڊي سيل ڪرڻ جو آرڊر ڪري رهيو آهيان، عدالت ڪي پي هائوس کولڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو