نيويارڪ: انٽرنيٽ جي دنيا ۾ هڪ نئين سروس واهپيدارن جي انگ ۾ واڌ جي حوالي سان ٽِڪ ٽاڪ ۽ انسٽاگرام جهڙين مشهور ايپس کي به پوئتي ڇڏي ڏنو آهي. اوپن اي آءِ نالي ڪمپني جي آرٽيفيشل انٽيليجنس ( اي آءِ ) چيٽ بوٽ چيٽ جي پي ٽي کي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ تيزي سان مقبول ٿيندڙ ايپ قرار ڏنو ويو آهي. اوپن اي آءِ طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب، هر هفتي پنجويهه ڪروڙ ماڻهو چيٽ جي پي ٽي استعمال ڪن ٿا. ان کان اڳ آگسٽ 2024 جي آخر ۾ ڪمپني ٻڌايو هو ته چيٽ جي پي ٽي کي هر هفتي استعمال ڪندڙ ماڻهن جو انگ ويهه ڪروڙ آهي. يعني ڪجهه هفتن اندر پنج ڪروڙ نون واهپيدارن اِها سروس استعمال ڪرڻ شروع ڪئي آهي. ان کانسواءِ جون 2024 تي نيويارڪ ٽائمز هڪ رپورٽ ۾ ڄاڻايو هو ته چيٽ جي پي ٽي جي ماهوار واهپيدارن جو انگ پنجٽيهه ڪروڙ آهي. في الحال اهو واضح ناهي ته انهن مان ڪيترا ماڻهو اها سروس مفت استعمال ڪري رهيا ۽ ڪيترا ماهوار فيس ادا ڪن ٿا. چيٽ جي پي واهپيدارن جي انگ ۾ ايندڙ ڪجهه مهينن دوران وڌيڪ واڌ جو امڪان آهي ڇو ته آءِ فونز ۾ ايپل انٽيليجنس ماڊل اوپن اي آءِ جي پروگرام تي ئي ٻڌل آهي.