توشه خانه نئون ريفرنس: عمران خان ۽ بشريٰ بي بي کي 14 ڏينهن جي ريمانڊ تي جيل اماڻيو ويو

راولپنڊي: احتساب عدالت توشه خانه جي نئين ريفرنس ۾ پي ٽي آءِ باني عمران خان ۽ ان جي گهر واري بشريٰ بي بي کي 14 ڏينهن جي جوڊيشل ريمانڊ تي جيل اماڻي ڇڏيو.

احتساب عدالت راولپنڊي جي جج ناصر جاويد رانا توشه خانه ٽو بلگري جيولري ريفرنس تي ٻڌڻي ڪئي، وڪيل صفائي طرفان سلمان صفدر ٽيم سان گڏ پيش ٿو، ٻڌڻي جي دوران ريمانڊ جي رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪئي وئي.

نيب رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پي ٽي آءِ باني عمران خان ۽ بشريٰ بي بي لکت ۾ بيان ڏنو، پي ٽي آءِ باني پنهنجي هٿ سان بيان لکي ڏنو، جڏهن ته بشريٰ بي بي لکيل تحرير تي پنهنجون صحيحون ڪيون.

قومي احتساب بيورو(نيب) پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بي بي جو وڌيڪ ريمانڊ نه گهريو عدالت 14 ڏينهن جي جوڊيشل ريمانڊ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو. ڪيس جي ايندڙ ٻڌڻي 2 سيپٽمبر تي ٿيندي، پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بي بي جو 36 ڏينهن جو ريمانڊ مڪمل ٿي چڪو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔