بنگلاديش ۾ وڏي پئماني تي سڌارن کانپوءِ چونڊون ڪرائڻ جو اعلان

ڍاڪا : بنگلاديش ۾ عبوري حڪومت جي سربراهه ڊاڪٽر محمد يونس ملڪ ۾ وڏي پئماني تي سڌارن کانپوءِ عام چونڊون ڪرائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
عبوري حڪومت جي سربراهه پروفيسر محمد يونس موجب بنگلاديش ۾ حالتون معمول تي آڻيندي سڌارا شروع ڪنداسين، اليڪشن ڪميشن، عدليا ۽ سول انتظاميا ۾ اهم سڌارا آڻينداسين.
نوبيل انعام يافته عبوري حڪومت جي سربراهه چيو ته سيڪيورٽي فورسز ۽ ميڊيا ۾ به اهم سڌارا آڻينداسين، سڌارن کانپوءِ آزاد ۽ منصفاڻيون چونڊون ڪرايون وينديون.
سندس چوڻ هو ته احتجاج ۾ مارجي ويل ۽ متاثر ماڻهن کي انصاف ڏيارڻ ترجيح آهي، گڏيل قومن طرفان جاچ ڪندڙن جي هر ممڪن مدد ڪنداسين.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔