پاڪستان پليئنگ اليون جو اعلان، بنگلاديش خلاف پهرين ٽيسٽ ۾ ڪير ڪير شامل؟

لاهور : بنگلاديش خلاف پهرين ٽيسٽ ميچ لاءِ پاڪستان جي پليئنگ اليون جو اعلان ڪيو ويو آهي.
پاڪستان ٽيم بنگلاديش خلاف پهرين ٽيسٽ ميچ ۾شان مسعود جي قيادت ۾ چئن فاسٽ بالرن سان ميدان تي لهندي.
پاڪستان جي فائنل اليون ۾ڪپتان شان مسعود، سعود شڪيل، عبدالله شفيق، بابر اعظم، محمد رضوان، صائم ايوب، سلمان علي آغا، شاهين آفريدي، محمد علي، نسيم شاهه ۽ خرم شهزاد شامل آهن، شان مسعود پهريون ڀيرو هوم سيريز ۾ قومي ٽيم جي قيادت ڪندو.
واضح رهي ته پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ ٻن ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سيريز جي شروعات 21 آگسٽ کان ٿيندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔