عامر خان جو فلمي دنيا ڇڏڻ جو فيصلو؟

ممبئي : بالي ووڊ مسٽر پرفيڪشنسٽ عامر خان چيو آهي ته هو فلمي دنيا لاءِ پاڻ کي خوبصورت نه ٿو سمجهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، عامر خان بالي ووڊ اداڪارا ريا چڪرورتي جي پوڊ ڪاسٽ ۾ مهمان طور شرڪت ڪئي، جنهن پرومو جاري ڪيو ويو آهي جڏهن ته مڪمل قسط 23 آگسٽ تي جاري ٿيندي.
پوڊ ڪاسٽ ۾ ريا چڪروتي عامر خان کان پڇيو ته اوهان ڪڏهن پاڻ کي آئيني ۾ ڏسي حيران ٿيندا آهيو ته اوهان ڪيترا خوبصورت آهيو؟
جنهن جي جواب ۾ عامر خان چيو ته هو پاڻ کي خوبصورت نه ٿو سمجهي ڇو ته هن کانسواءِ، بالي ووڊ ۾ ڪيئي اسٽارز اهڙا آهن جن جي شخصيت پُرڪشش آهي.
عامر خان چيو ته شاهه رخ خان، سلمان خان ۽ ريٿڪ روشن حقيقي اسٽارز آهن، هو ٽئي انتهائي خوبصورت آهن.
اداڪار چيو ته ماڻهو سندس ڪپڙن ۽ رهڻي ڪهڻي تي ٺٺول ڪندا آهن، سوشل ميڊيا تي ماڻهو لکندا آهن منفي تبصرا ڪندا آهن.
عامر خان چيو ته هو هاڻي فلمن دنيا کان ڌار ٿيڻ چاهي ٿو، هو سدائين لاءِ اداڪاري ڇڏڻ چاهي ٿو، اداڪار جي اهڙي ڳالهين تي ميزبان چيو ته اوهان دل سان نه پيا چئو، مان اوهان جي ڪوڙ پڪڙڻ واري ٽيسٽ مشين تي وٺڻ چاهينديس.
عامر خان ميزبان جي ڳالهه ٻڌي مرڪندي پرعتماد انداز ۾ چيو ته اوهان کي جيڪا ٽيسٽ ڪرائڻي آهي ڪرايو مان تيار آهيان.
ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ عامر خان جي وڏي پٽ جنيد خان انڪشاف ڪيو هو ته سندس والد کيس پروڊڪشن سنڀالڻ جو حڪم ڏنو ڇو هو رٽائر ٿيڻ چاهي ٿو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔