پاڪستان ۾ تيل ۽ گئس جي پيداوار بابت وڏو انڪشاف

ڪراچي: پاڪستان ۾ ڏهه سالن دوران تيل ۽ گئس جي طلب جي ڀيٽ ۾ پيداوار ۾ واڌ نه ٿي سگهي.

پاڪستان پيٽروليم انفارميشن سروس (پي پي آءِ ايس) موجب 2015 ۾ پاڪستان ۾ ڪچي تيل جي روز پيداوار 94500 بيرل هئي، جيڪا 2024 ۾ گهٽجي 70500 بيرل تي اچي وئي، گئس جي پيداوار 10 سالن ۾ 900 ايم ايم ايس سي ايف ڊي گهٽ ٿي.

پي پي آءِ ايس موجب 2015 ۾ گئس جي روز پيداوار 4016 ايم ايم سي ايف ڊي هئي، جيڪا 2024 ۾ گهٽجي 3116 ايم ايم سي ايف ڊي تي اچي وئي، جڏهن ته 2024 ۾ گئس جي پيداوار 4.4 سيڪڙو ساليانو گهٽتائي سان 3116 ملين مڪعب فوٽ رهي.

مالي سال 2024 ۾ تيل جي پيداوار ساليانو 1.5 سيڪڙو معمولي واڌ سان 70536 بيرل روز ٿي وئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔