بلوچستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جو آپريشن: ڊي سي پنجگور جي شهادت ۾ ملوث بي ايل اي جا 3 دهشتگرد مارجي ويا

ڪوئٽه:بلوچستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي آپريشن ۾ ڊپٽي ڪمشنر پنجگور ذاڪر علي جي شهادت ۾ ملوث 3 دهشتگرد مارجي ويا ۽ 3 زخمي ٿي پيا.

آءِ ايس پي آر موجب 18 ۽ 19 آگسٽ جي رات دير سان سيڪيورٽي فورسز ضلعي مستونگ ۾ هڪ انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ڪيو جنهن جي دوران سخت فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ بلوچ لبريشن آرمي(بي ايل اي) جا 3 دهشتگرد مارجي ويا ۽ 3

آءِ ايس پي آر موجب اهي دهشتگرد علائقي ۾ ڪيترين ئي دهشتگردي جي سرگرمين ۾ ملوث هئا ۽ 12 آگسٽ تي ڊپٽي ڪمشنر پنجگور ذاڪر علي جي شهادت جا به ذميوار هئا، انهي آپريشن جي ذريعي ڏوهارين کي انهن جي ڪڌين ڪارروائين جو بدلو وٺي انهن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويو.

آءِ ايس پي آر چيو آهي ته پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز قوم سان گڏ بلوچستان ۾ امن، استحڪام ۽ ترقي جي دشمنن جي سازشن کي ناڪام بنائڻ جي لاءِ پرعزم آهي.

  • شيئر

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔