پاڪ بنگلاديش سيريز: پهريون ٽيسٽ سڀاڻي کيڏيو ويندو

راولپنڊي: پاڪستان ۽ بنگلاديش جي وچ ۾ 2 ٽيسٽ ميچز تي ٻڌل سيريز جو پهريون ٽيسٽ سڀاڻي کيڏيو ويندو.

ٻنهي ٽيمن جا رانديگر اڄ آپشنل ٽريننگ سيشن  ۾ حصو وٺندا جڏهن ته 12:15 وڳي راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم سيريز جي ماڻهن جي رونمائي ٿيندي.

ٻنهي ٽيمن جا ڪپتان سيريز اسپانسر جي نمائندي سان گڏ ٽرافي رونمائي ۾ حصو وٺندا. جنهن کان پوءِ شان مسعود ۽ انجم الحسن شانتو پري سيريز پريس ڪانفرنس ۾ حصو وٺندا.

ياد رهي ته پاڪستان ۽ بنگلاديش جون ٽيمون 13 ٽيسٽ ميچز ۾ هڪ ٻئي جي آمهون سامهون ٿيون آهن، جنهن ۾ قومي ٽيم کي واضح برتري حاصل آهي، گرين شرٽس 12 ٽيسٽ ۾ ڪاميابي ماڻي جڏهن ته هڪ ٽيسٽ ڊرا ٿيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔