بنگلاديش جي آرمي چيف  پاران عبوري حڪومت ٺاهڻ جو اعلان

ڍاڪا :بنگلاديش جي وزيراعظم شيخ حسينا واجد جي استعيفيٰ بعد آرمي چيف ملڪ ۾ عبوري حڪومت ٺاهڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

بنگلاديش جي آرمي چيف وقارالزمان قوم جو چوڻ آهي ته ملڪ کي مخلوط حڪومت جي ذريعي هلايو ويندو. بنگلاديش جا سمورا فيصلا فوج ڪندي، بنگلاديشي عوام کي يقين ڏياريان ٿو ته انهن جا سمورا مطالبا پورا ڪيا ويندا.

بنگلاديش جي آرمي چيف چيو ته عبوري حڪومت جي قيام لاءِ ڳالهيون جاري آهن. صدر سان جلد ملاقات ڪندس، ملاقات ۾ عبوري حڪومت جي قيام تي به ڳالهيون ڪيون وينديون.

هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته بنگلاديش نيشلسٽ پارٽي(بي اين پي) سميت وڏين سياسي پارٽين سان ڳالهيون ڪيون آهن. عبوري حڪومت جي قيام لاءِ عوامي ليگ کان سواءِ سمورين سياسي پارٽين سان ڳالهيون ٿيون آهن. بنگلاديش جي آرمي چيف عوام کي پرامن رهڻ جي اپيل ڪئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔