بنگلاديش جي وزيراعظم حسينه واجد استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

ڍاڪا: بنگلاديش ۾ عوامي احتجاج رنگ لاٿو، وزيراعظم حسينه واجد عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏيو ۽ ڍاڪا کان پنهنجي رهائشگاهه ڀارت پهچي وئي آهي.

برطانوي ميڊيا موجب بنگلاديشي وزيراعظم حسينه واجد کي آرمي چيف 48 منٽن جي ڊيڊ لائن ڏني هئي، بنگلاديش جي آرمي چيف وقارالزمان قوم کي خطاب ۾ ملڪ ۾ عبوري حڪومت جي قيام جو اعلان ڪيو آهي.

برطانوي ميڊيا جي رپورٽ موجب حسينه واجد ۽ ان جي ڀيڻ(وزيراعظم جي سرڪاري رهائشگاهه) تان فوجي هيليڪاپٽر ۾ ڀارت هلي   وئي آهي. حسينه واجد تقرير رڪارڊ ڪرائڻ چاهي ٿي پر انهي کي ائين ڪرڻ جو موقعو به نه ملي سگهيو. مظاهرين وزيراعظم شيخ حسينه واجد جي رهائشگاهه تي حملو ڪري ڏنو جنهن کي قابو ڪرڻ جي لاءِ روڊن تي پوليس ۽ فوج  جو وڏو انگ موجود آهي

خبرون ڏيندڙ ايجنسي طرفان اهو پڻ ٻڌايو ويو آهي ته شيخ حسينه واجد جي استعيفي ڏيڻ تي  بنگلاديش جي راڄڌاني ڍاڪا جي روڊن تي مظاهرين جشن ملهائي رهيا آهن. هزارين ماڻهو روڊن تي نڪري آيا آهن، پرڏيهي ميڊيا موجب بنگلاديش ۾ هن وقت 4 لک ماڻهو روڊن تي موجود آهن. ڀارتي ميڊيا موجب شيخ حسينه واجد ڀارتي شهر اگرله پهتي آهي ۽ ڀارت کيس محفوظ رستو ڏيڻ جي لاءِ تيار آهي.

بنگلاديش ۾ ڪوٽا سسٽم مخالف شاگردن  طرفان سول نافرماني جي تحريڪ جي اعلان کان پوءِ پرتشدد مظاهرين ۾ گڏيل فوتين جو انگ 200 تائين پهچي ويو. بنگلاديش جي مقامي ميڊيا موجب چڪرين ۾ 14 پوليس آفيسرن سميت 95 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن. جولاءِ ۾ شروع ٿيندڙ شاگردن جو اهو احتجاج بنيادي طور تي سرڪاري نوڪرين ۾ ڪوٽا سسٽم جي خلاف هو پر اهو جلد حڪومت مخالف تحريڪ ۾ تبديل ٿي ويو.

بنگلاديش ۾ 1971 جي جنگ وڙهندڙن جي ٻارن کي سرڪاري نوڪرين ۾ 30 سيڪڙو ڪوٽا ڏيڻ جي خلاف گذريل مهيني ۽ ڪيترن ڏينهن تائين مظاهرا ٿيا هئا جنهن ۾ 200 ڄڻا مارجي ويا جنهن کان پوءِ سپريم ڪورٽ ڪوٽه سسٽم کي ختم ڪري ڇڏيو هو.

فوج آچر جي شام گادي واري شهر ڍاڪا سميت ملڪ جي وڏن شهرن ۾ اڻڄاتل مدي جي لاءِ هڪ نئون ڪرفيو لڳائڻ جو اعلان ڪيو جڏهن ته احتجاجي مظاهرن کي نظر ۾ رکندي انٽرنيٽ سروس به بند ڪئي وئي. حڪومت سڄي ملڪ ۾ سومر کان اربع تائين عام موڪل جو اعلان پڻ ڪيو هو.

بنگلاديش جي وزيراعظم شيخ حسينه واجد سول نافرماني جي تحريڪ شروع ڪندڙ شاگردن کي دهشتگرد قرار ڏيندي چيو هو ته روڊن تي احتجاج ڪندڙ شاگرد نه پر دهشتگرد آهن جيڪي ملڪ کي غير مستحڪم ڪرڻ لاءِ نڪتا آهن پنهنجي ملڪ جي رهواسين کي اپيل آهي ته اهڙن دهشتگردن کي سختي سان منهن ڏنو وڃي.

انهي کان اڳ موجوده آرمي چيف وقارالزمان ڇنڇر جي ڏينهن ڍاڪا ۾ فوجي هيڊ ڪوارٽرز ۾ آفيسرن کي ٻڌايو ته بنگلاديش جي فوج عوام جي ڀروسي جي نشاني آهي. فوج طرفان جاري ڪيل بيان ۾ آرمي چيف چيو ته فوج هميشه ماڻهن سان گڏ بيٺل رهي آهي.

ياد رهي ته 70 ورهين جي حسينه واجد 2009 کان بنگلاديش تي حڪومت ڪئي آهي ۽ هن جنوري ۾ لاڳيتو چوٿون ڀيرو چونڊن ۾ ڪنهن به مخالفت کان سواءِ ڪاميابي حاصل ڪئي هئي ڇو ته ملڪ جي مرڪزي اپوزيشن پارٽي نيشنل پارٽي چونڊن جو بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔