پاڪ فوج جا آفيسر هن ملڪ جا اشرافيه ناهن، ڇا تنقيد سبب ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏيون: ڊي جي آءِ ايس پي آر

راولپنڊي: ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف نيوز ڪانفرنس ڪري رهيو آهي

 ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چيو ته هن سال دهشتگردن ۽ انهن جي سهولتڪارن خلاف 32 هزار 622 آپريشن ڪيا ويا

ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چيو ته حڪومت طرفان ٻن دهشتگرد تنظيمن تي پابندي لڳائي وئي آهي، جڏهن ته ٽي ٽي پي کي خوارج الفتنه جي نالي سان نوٽيفاءِ جاري ڪيو ويو آهي

هن چيو ته پاڪ فوج جا آفيسر ۽ جوان ملڪ جي وچولي طبقي ۽ غريب خاندانن مان اچن ٿا، اهي اشرافيه مان نه آهن

ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته پاڪ فوج ۽ ان جي انتظام هيٺ ادارن رڳو 23-2022ع ۾ مجموعي طور تي 360 ارب رپيا ٽيڪس ۽ ڊيوٽي جي مد ۾ قومي خزاني ۾ جمع ڪرايا آهن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔