اڀيشيڪ ۽ ايشوريا ۾ جلد عليحدگي ٿيندي: هندو پنڊت جي اڳڪٿي

ممبئي: : بالي ووڊ جي ڪيئي مشهور جوڙين جي حوالي اڳڪٿي ڪندڙ هندو پنڊت جگن ناٿ گروجي اڀيشيڪ بچن ۽ ايشوريا راءِ بچن ۾ عليحدگي جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي.

ڀارتي ميڊيا تي ڊگهي عرصي کان اڀيشيڪ ۽ ايشوريا راءِ وچ ۾ طلاق جا افواهه گردش ڪري رهيا آهن جنهن تي جوڙي طرفان ڪنهن به قسم جو ردعمل ظاهر ناهي ڪيو ويو پر هاڻي ڀارتي ميڊيا سان ڳالهائيندي پنڊت جگن ناٿ گروجي چيو آهي ته ٻنهي جي لاڳاپن ۾ اهڙو گهڻو ڪجهه آهي جنهن بابت عام ماڻهو نٿا ڄاڻن.

هن چيو ته ٻنهي جي شادي قائم رهڻ مقدر ۾ نه هئي پر ڌيءَ آراڌيا جي محبت جوڙي کي گڏ رهڻ تي مجبور ڪيو. جگن ناٿ اڳڪٿي ڪئي ته حالتن سبب اڀيشيڪ ۽ ايشوريا جلد ئي ڌار ٿي سگهن ٿا، طلاق جو نه ٿو چئي سگهجي پر ايندڙ سالن ۾ ٻنهي ۾ عليحدگي جو امڪان وڌي ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔