بنگلاديش خلاف ٽيسٽ سيريز، سينئر رانديگرن کي ڊراپ ڪرڻ جو فيصلو

لاهور: بنگلاديش خلاف ٽيسٽ سيريز لاءِ پاڪستان اسڪواڊ تي حتمي مشاورت ايندڙ هفتي ٿيندي.

ذريعن موجب، ريڊ بال هيڊ ڪوچ جيسن گليسپي جي پاڪستان واپسي تي ٽيسٽ اسڪواڊ کي فائنل ڪيو ويندو، جيسن گليسپي اڄڪلهه پاڪستان شاهينز سان ڊارون ۾ موجود آهي.

جيسن گليسپي بنگلاديش اي خلاف ٻي چئن ڏينهن واري ميچ کانپوءِ پاڪستان موٽي ايندو، ٽيسٽ سيريز جي تياري لاءِ تربيتي ڪئمپ آگسٽ جي ٻئي هفتي ۾ لڳايو ويندو جڏهن ته پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ ٽيسٽ سيريز 21 آگسٽ کان راولپنڊي ۾ شروع ٿيندي.

پاڪستان آخري ٽيسٽ جنوري ۾ آسٽريليا خلاف کيڏي هئي، ايندڙ سيريز لاءِ قومي ٽيم ۾ ڦيرڦار جو امڪان آهي.

ذريعن موجب، فهيم اشرف، وسيم جونيئر، صائم ايوب ۽ نعمان علي جي قومي اسڪواڊ ۾ جڳهه ٺاهڻ مشڪل آهي جڏهن ته امام الحق جي نالي تي مشاورت ڪئي ويندي ۽ عامر جمال، حسن جي فٽنس جو جائزو وٺڻ کانپوءِ سندن ٽيم ۾ شموليت بابت فيصلو ڪيو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔