ڀارت پاڪستان نه ايندو؟ هائبرڊ ماڊل تي ڪم شروع

آءِ سي سي جي ٽئين سڀ کان وڏي ايونٽ چيمپيئنز ٽرافي جي شروع ٿيڻ ۾ اڃا ڇهه مهينا باقي آهن پر ڀارتي ٽيم جي پاڪستان اچڻ جي حوالي سان آفيشلي طور تصديق يا ترديد نه ڪئي وئي آهي جنهن پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ سميت شوقينن کي پڻ مُنجهائي ڇڏيو آهي.
پر ان حوالي سان پاڙيسري ميڊيا طرفان دعويٰ ڪئي وئي آهي ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ايندڙ سال شيڊيول چيمپيئنز ٽرافي لاءِ ڀارت کي پاڪستان آڻڻ جي ذميواري آءِ سي سي کي سونپي ڇڏي آهي.
ڀارتي ميڊيا جي رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته پي سي بي، آءِ سي سي کي واضح ڪري ڇڏيو آهي ته هاڻي اِها ذميواري ڪرڪيٽ جي عالمي اداري تي لاڳو ٿئي ته هو بي سي سي آءِ کي چيمپيئنز ٽرافي لاءِ پنهنجي ٽيم پاڪستان موڪلڻ تي راضي ڪري.
تازو ئي سريلنڪا جي راڄڌاني ڪولمبو ۾ ٿيل آءِ سي سي جي سالياني اجلاس ۾ چيمپيئنز ٽرافي جي بجيٽ جي منظوري ڏني وئي پر اڃا تائين ٽورنامينٽ جي شيڊيول ۽ فارميٽ بابت واضح ناهي ٿي سگهيو ته ميگا ايونٽ ون ڊي فارميٽ تحت کيڏيو ويندو يا پهريون ڀيرو چيمپيئنز ٽرافي ٽي ٽوئنٽي فارميٽ تحت ڪرائي ويندي.
هاڻي بال آءِ سي سي جي ڪورٽ ۾ آهي ته هو چيمپيئنز ٽرافي جي شيڊيول، فارميٽ ۽ ڀارتي ٽيم کي پاڪستان موڪلڻ بابت ڪهڙي حڪمت عملي اختيار ڪري ٿو، ڇو ته پي سي بي اڳواٽ ئي ٽورنامينٽ جي شيڊيول جو ڊرافٽ آءِ سي سي وٽ جمع ڪرائي چڪو آهي جنهن ۾ ڀارت جون سموريون ميچون لاهور ۾ ڪرائڻ جي تجويز پيش ڪئي وئي هئي.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پي سي بي، آءِ سي سي کي ادائيگين، ميچن، وينيوز جي چونڊ سميت پنهنجي حڪومت کان ميگا ايونٽ ۽ ڀارتي ٽيم جي سيڪيورٽي جي حوالي سان ڪليئرنس بابت لکت ۾ آگاهه ڪري ڇڏيو آهي.
رپورٽ ۾ اِها به دعويٰ ڪئي وئي آهي ته آءِ سي سي کي ڀارتي ٽيم جي پاڪستان جي دوري لاءِ بي سي سي آءِ جي تصديق جي ضرورت آهي، آءِ سي سي ان مسئلي جي حل لاءِ ٽورنامينٽ جي بجيٽ ۾ واڌو خرچ پڻ شامل ڪري ڇڏيا آهن، جنهن اشارو ملي ٿو ته جيڪڏهن ڀارتي ٽيم چيمپيئنز ٽرافي کيڏڻ لاءِ پاڪستان نه آئي ته هائبرڊ ماڊل تحت ڀارت جو ميچون ڪنهن ٻئي ملڪ منتقل ٿي سگهن ٿيون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔