طلاق جي خوشي ۾ عورت جو رقص ڪندي جشن: وڊيو وائرل

نيويارڪ: جتي ٻن ماڻهن جي وچ ۾ ازدواجي رشتي ۾ علحدگيءَ تي ماتم ڪيو ويندو هو، اتي هاڻي ڪجهه اهڙا ماڻهو به آهن، جيڪي ان رشتي کي ختم ڪرڻ لاءِ باقاعدي جشن ملهائيندا آهن.اهڙي ئي هڪ وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي جنهن ۾ هڪ عورت پنهنجي طلاق جو جشن اهڙي طرح سان ملهايو آهي جنهن تي  سوشل ميڊيا صارفين ناراض ٿي ويا.وائرل ٿيل وڊيو ۾ هڪ عورت ڪاري رنگ جي لهنگي ۾ مختلف گيتن تي رقص ڪندي نظر اچي رهي آهي جنهن جي پس منظر ۾ لفظ ’طلاق مبارڪ‘ لکيل آهن.نه رڳو ايترو پر تقريب ۾ موجود ٻين عورتون ڊانس ڪري رهيون آهن.واضح رهي ته ڊانس ڪندڙ عورت جي وڊيو ڪهڙي ملڪ ۽ ڪٿان جي آهي، ان بابت تفصيل سامهون نه اچي سگهيا آهن ۽ نه ئي اهو معلوم ٿي سگهيو آهي ته عورت مڙس کان ڇو ڌار ٿي.جيتوڻيڪ سماج جي هر طبقي مان عورتن سان بدسلوڪي جا بيشمار ڪيس آهن ۽ اهڙين حالتن ۾ طلاق ڪنهن راحت کان گهٽ ناهي. پر ٻئي طرف جڏهن اها وڊيو وائرل ٿي ته ماڻهن ان کي پسند نه ڪيو ۽ عورت تي تمام گهڻي تنقيد ڪئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔