دنيا جي مضبوط ترين پاسپورٽ جي لسٽ جاري، پاڪستان جو ڪهڙو نمبر؟

دنيا جي سگهارن ترين پاسپورٽ 2024 جي لسٽ جاري ڪئي وئي آهي جنهن ۾ سنگاپور هن سال به سرفهرست آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، هينسلي جي لسٽ ۾ سنگاپور جو پاسپورٽ دنيا جو طاقتور ترين پاسپورٽ قرار ڏنو ويو، سنگاپور جو پاسپورٽ رکندڙ دنيا جي 195 ملڪن تائين بنا ويزا جي سفر ڪري سگهن ٿا.
اهڙي طرح جپان سان گڏ فرانس، اٽلي، جرمني ۽ اسپين ٻئي نمبر تي آهن، ان ملڪن جا پاسپورٽ رکندڙ ماڻهو 192 ملڪن ۾ بنا ويزا جي وڃي سگهن ٿا.
دنيا جي طاقتور ترين پاسپورٽ ۾ آسٽريا، فنلينڊ، آئرلينڊ، لڪسمبرگ، نيڌرلينڊز، ڏکڻ ڪوريا ۽ سوئيڊن گڏيل طور تي ٽئين نمبر تي موجود آهن، انهن ملڪن جي پاسپورٽ تي دنيا جي 191 ملڪن ۾ بنا ويزا جي سفر ڪري سگهجي ٿو.
چوٿين نمبر تي برطانيا، نيوزيلينڊ، ناروي، بيلجيئم، ڊئنمارڪ ۽ سوئيٽرزلينڊ آهن، آسٽريليا ۽ پرتگال پنجين، يونان ۽ پولينڊ ڇهين، ڪئناڊا ٻين ٽن ملڪن سان گڏ ستين آمريڪا ٻين ٽن ملڪن سان گڏ اٺين نمبر تي موجود آهي.
فهرست ۾ سڀ کان آخر ۾ 103 هون نمبر افغانستان جو آهي، پاڪستان يمن سان گڏ 100 هين نمبر تي موجود آهي جنهن کانپوءِ عراق، شام ۽ افغانستان آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔