بنا انٽرنيٽ جي واٽس ايپ جي سهولت

واٽس ايپ ۾ آءِ فون جي ائير ڊراپ جهڙو فيچر متعارف ڪرايو پيو وڃي، اِهو فيچر سڀ کان پهريان اپريل 2024ع ۾ واٽس ايپ جي اينڊرائيڊ بيٽا ورزن ۾ ڏٺو ويو هو.
هاڻي ڪمپني طرفان نيئر باءِ شيئرز نالي فيچر جي آزمائش آءِ او ايس بيٽا ورزن ۾ شروع ڪئي وئي آهي.
ويب بيٽا انفو جي رپورٽ موجب، فيچر ذريعي واهپيدار مختلف فائلز جهڙوڪ تصويرون، وڊيوز ۽ ٽيڪسٽ ڊاڪيومينٽس بنا انٽرنيٽ جي ويجهو موجود سمارٽ فون سان شيئر ڪري سگهندا.
ايندڙ ڏينهن ۾ انٽرنيٽ ڪنيڪشن کانسواءِ به واٽس ايپ ذريعي فائلز کي ٻين سمارٽ فونز سان شيئر ڪرڻ ممڪن بڻجي ويندو.
هي فيچر انتهائي ڪارائتو ثابت ٿيندو ڇو ته ان ذريعي خراب انٽرنيٽ ڪوريج يا انٽرنيٽ نه هئڻ تي به ڳرو مواد دوستن يا مٽن مائٽن سان شيئر ڪري سگهجي ٿو، پر اينڊرائيڊ جي ڀيٽ ۾ آءِ فون ۾ اِهو فيچر ٿورو مختلف انداز ۾ ڪم ڪندو.
اينڊرائيڊ تي اِهو فيچر ائير ڊراپ جيان ئي ڪم ڪندو، جڏهن ته آءِ فون ۾ ان فيچر لاءِ واهپيدارن کي هڪ ڪيو آر ڪوڊ اسڪين ڪرڻو پوندو.
اِهو به واضح ناهي ته آءِ او ايس ڊيوائسز لاءِ واٽس ايپ ڪيو آر ڪوڊ جي چونڊ ڇو ڪئي، نئين رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته اِهو فيچر تڏهن ڪم ڪندو جڏهن ٻين ماڻهن طرفان شيئر ڪيل درخوست کي منظور ڪيو ويندو.
هن فيچر تحت رڳو اهڙن ماڻهن سان فائلز شيئر ڪرڻ ممڪن هوندو جيڪي صارف جي ڪانٽيڪٽ لسٽ ۾ موجود هوندا.
سمورين شيئر فائلز کي انڪرپشن جو تحفظ حاصل هوندو ته جيئن ڪا ٽئين ڌر ان تائين رسائي حاصل نه ڪري سگهي.
فلحال فيچر آزمائشي مرحلي ۾ آهي، اميد آهي ته تمام جلد سمورن واهپيدارن لاءِ متعارف ڪرايو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔