7 ارب ڊالرز جو بيل آئوٽ پئڪيج، پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ نئين پروگرام لاءِ اڳڀرائي

واشنگٽن : پاڪستان لاءِ 7 ارب ڊالر جي بيل آئوٽ پئڪيج واري معاملي تي آءِ ايم ايف ايگزيڪٽيو بورڊ جو اجلاس آگسٽ جي وچ ڌاران سڏائڻ جو امڪان آهي.
پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ اسٽاف ليول معاهدو 12 جولاءِ تي طئي ٿي ويو هو.
ذريعن موجب، آءِ ايم ايف بورڊ اسٽاف ليول معاهدي جي چئن کان ڇهن هفتن بعد حتمي منظور ڏيندو جڏهن ته بورڊ اجلاس کان اڳ پاڪستان کي ايڪسٽرنل فنانسنگ جي خاطري ڪرائڻي پوندي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ماحولياتي تبديلي، قدرتي آفتن جي خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ فنڊنگ تي جلد ڳالهه ٻولهه متوقعو آهي، آءِ ايم ايف ڪلائمٽ فنانسنگ لاءِ پاڪستان جي ڄاڻايل درخواستن تي غور جو اشارو ڏنو آهي.
پاڪستان کي موسمياتي تبديلي بابت طويل مدتي ترجيحي منصوبن جي نشاندهي ڪرڻي پوندي جڏهن ته آءِ ايم ايف جو آر ايس ايف پروگرام سستي ۽ طويل مدتي فنانسنگ فراهم ڪندو آهي.
ناڻي واري وزارت جي ذريعن موجب، ان مقصد لاءِ ٻين عالمي ادارن سان گڏجي ڪرڻو پوندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔