رضوان جي ڌونيءَ سان ڀيٽ! هرڀجن سنگهه آپي مان نڪري ويو

اڳوڻي ڀارتي ڪرڪيٽر هرڀجن سنگهه مداح جي مهيندر سنگهه ڌوني ۽ محمد رضوان ۾ ڀيٽ ڪرڻ واري سوال تي تپي باهه ٿي ويو.
سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس تي پاڪستاني صحافي اڳوڻي ڀارتي ڪپتان مهيندر سنگهه ڌوني ۽ محمد رضوان جون تصويرون شيئر ڪندي سوال ڪيو ته ٻنهي ڪير وڌيڪ بهتر آهي؟ جنهن تي هرڀجن سنگهه تپي ويو.
هن ٽوئيٽ ۾ ٻنهي ڪرڪيٽرن وچ ۾ ڀيٽ کي بيوقوفي قرار ڏيندي لکيو ته ڀائرو، ٻڌايو ڌوني رضوان کان گهڻو اڳتي آهي! رضوان کان پڇندئو ته اِهو به ٻڌائيندو، هي سوال ئي غلط آهي، اڄ به عالمي ڪرڪيٽ ۾ ڌونيءَ کان بهتر ڪير ڪونهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔