پسند جي شادي ڪري ڏيڍ سال تائين مڙس جو تشدد برداشت ڪيو:جگن ڪاظم

ڪراچي: پاڪستاني شوبز انڊسٽري جي مشهور ميزبان ۽ اداڪارا جگن ڪاظم اڳوڻي مڙس طرفان تشدد جو شڪار ٿيڻ جو انڪشاف ڪيو آهي.
تازو ئي هڪ پوڊڪاسٽ دوران جگن ڪاظم گهريلو تشدد بابت ڳالهايو، ان موقعي تي هن پنهنجي ماضيءَ کي به ياد ڪيو، جنهن ۾ کيس به تشدد جي مسئلن کي منهن ڏيڻو پيو.
جگن ڪاظم چيو ته مون پهرين شادي والدين کان لڪي ڪئي هئي ۽ اها شادي منهنجي پسند ۽ محبت جي شادي هئي، پر انهي شادي جي ٽئين هفتي ۾ ئي مونکي مڙس تشدد جو نشانو بڻايو هو.
اداڪارا جو چوڻ هو ته مڙس طرفان تشدد جي پهرين نشاني گهرواريءَ لاءِ گٿا لفظ ڳالهائڻ هوندا آهن، اهو سڀ گارين مان شروع ٿيندو آهي ۽ پوءِ هڪ وقت ايندو آهي، جڏهن مڙس پنهنجي گهرواريءَ تي هٿ به کڻندو آهي.
هن ٻڌايو ته جڏهن پهريون ڀيرو مڙس تشدد ڪري ته ان محل ئي فيصلو ڪري ڇڏجي ڇو ته جڏهن پهريون ڀيرو هٿ کنيو ويندو آهي ته اهو سلسلو سڄي زندگي تائين هلندو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔