ملڪ ۾ چيلنجز موجود آهن، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي عوام کي سهولتون ڏيڻ لاءِ ڪم ڪرڻ گهرجي: شرجيل ميمڻ

ڪراچي: سنڌ جي ٽرانسپورٽ کاتي واري وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته ملڪ ۾ تمام گهڻا چيلنجز  موجود آهن، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي عوام کي سهولتون ڏيڻ جي لاءِ ڪم ڪرڻ گهرجي.

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته هن ملڪ ۾ ڪجهه به نه ٿيڻ وارو آهي، ماڻهو اجايون ڳالهيون پکيڙي رهيا آهن ڪابه مايوسي ۽ پريشاني جي ڳالهه نه آهي

شرجيل ميمڻ چيو ته حڪومت  هلندي هن ملڪ ۾ ڪجهه به نه ٿيڻ وارو آهي، ماڻهن کي ورغلايو پيو وڃي ته هو تشدد واري رستي تي هلن. ارشد شريف اهڙن ملڪن جو انڪشاف ڪيو جيڪي هتي فنڊنگ ڪري رهيا هئا.

صوبائي وزير چيو ته ڪوبه مشهور شخص قانون کان مٿانهون نه آهي. مون کان تڪ ۾ ڪوبه چونڊون نٿو کٽي سگهي. انهي جو مقصد اهو نه آهي ته مان ماڻهن کي چوان ته باهيون ڏئي ڇڏيو، گهيراءُ ڪريو.

هن چيو ته دنيا جي ڪنهن به قانون ۾ اهو لکيل نه آهي ته اوهان قانون کي هٿ ۾ کڻو، هنن ماڻهن آءِ ايم ايف کي خط لکيو ته فنڊ بند ڪيا وڃن. پرڏيهي لابسٽ اهڙي طرح جي انتشار جي پٺڀرائي ڪري رهيا آهن.

پ پ اڳواڻ وڌيڪ چيو ته قانون ۾ چٽو لکيل آهي ته پابندي مڙهيل فنڊنگ وٺندڙ پارٽي اليڪشن ۾ حصو نٿي وٺي سگهي. سپريم ڪورٽ جو فيصلو هاڻ پبلڪ پراپرٽي آهي. اليڪشن ڪميشن جي قانون کي سڀ پڙهو ان ۾ لکيل آهي ته ڪهڙيون ڪهڙيون پارٽيون چونڊن ۾ حصو وٺي سگهن ٿيون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔