پ پ مخصوص سيٽن وارو فيصلو چيلنج ڪرڻ جي حمايت ڪري ڇڏي، پي ٽي آءِ تي پابندي بابت مشاورت لاءِ مهلت طلب

اسلام آباد: پاڪستان پيپلز پارٽي مسلم ليگ (ن) سان مشاورتي اجلاس ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف تي پابندي واري معاملي کي پارٽي سطح تي غور هيٺ آڻڻ تي اتفاق ڪيو ۽ موقف اختيار ڪيو ته پارٽي جي مشاورت کانپوءِ پاڪستان تحريڪ انصاف تي پابندي جو فيصلو پارليامينٽ ۽ ڪابينا ۾ غور هيٺ آندو ويندو. مسلم ليگ ن ۽ پيپلز پارٽي جو اهم مشاورتي اجلاس صدر هائوس ۾ ٿيو، جنهن ۾ ٻنهي پارٽين جي اهم اڳواڻن شرڪت ڪئي

پ پ ذريعن جو چوڻ آهي ته مشاورتي اجلاس ۾ پي ٽي آءِ تي پابندي، مخصوص سيٽن ۽ ٻين اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي

ذريعن موجب حڪومتي اتحادين وچ ۾ ملاقات لڳ ڀڳ ڏيڍ ڪلاڪ جاري رهي، مسلم ليگ ن جي قانوني ٽيم پي ٽي آءِ جي حوالي سان پيپلز پارٽي کي اعتماد ۾ ورتو، قانون واري وزير ۽ اٽارني جنرل وچ ۾ قانوني نقطن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. حڪومت پاران پي ٽي آءِ تي پابندي جو فيصلو جڏهن ته پيپلز پارٽي جي قانوني ٽيم مستقبل ۾ انهن فيصلن جي اثرن تي خدشن جو اظهار ڪيو. سپريم ڪورٽ جي ڪيسن متعلق وزيراعظم جو اتحادي پارٽين کي اعتماد ۾ وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي

پيپلز پارٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته پيپلز پارٽي هر آئيني ۽ قانوني فيصلي سان گڏ بيٺل رهندي. ذريعن موجب مشاورتي اجلاس ۾ ان ڳالهه تي به غور ڪيو ويو ته تحريڪ انصاف جو رويو جمهوري ناهي، پي ٽي آءِ پاڻ کي سياسي پارٽي سڏائي ٿي ته پوءِ به سياسي پارٽي جهڙو رويو اختيار ڪيو وڃي

ذريعن جو چوڻ آهي ته پيپلز پارٽي حڪومتي فيصلن تي پارٽي ۾ مشاورت ۽ سي اي سي کان منظوري جو مطالبو ڪيو آهي، جڏهن ته ٻنهي پارٽين پي ٽي آءِ بابت سمورا فيصلا گڏجي ڪرڻ ۽ ڳالهيون جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو آهي

ذريعن موجب پيپلز پارٽي مخصوص سيٽن تي سپريم ڪورٽ ۾ نظرثاني اپيل جي حمايت ڪري ڇڏي، جڏهن ته پي ٽي آءِ تي پابندي جو معاملو سڀ کان پهريان پارٽي سطح تي غور هيٺ آڻڻ تي اتفاق ڪيو ويو ۽ موقف اختيار ڪيو ويو ته پي ٽي آءِ تي پابندي جو فيصلو پاڻ ئي ڪيو وڃي. پارٽيءَ جي صلاح مشوري کانپوءِ پارليامينٽ ۽ ڪابينا ۾ غور هيٺ آندو ويندو

واضح رهي ته وفاقي حڪومت تحريڪ انصاف تي پابندي لڳائڻ جو فيصلو ڪندي اڳوڻي صدر عارف علوي، پي ٽي آءِ جي باني ۽ اڳوڻي ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري خلاف آرٽيڪل 6 جو ڪيس داخل ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي ۽ ٽنهي شخصن خلاف وفاقي ڪابينا مان منظوري بعد هي ريفرنس سپريم ڪورٽ ڏانهن اماڻيو ويندو. پ پ اڳواڻن ان حوالي سان حڪومت طرفان مشاورت نه ڪرڻ جي شڪايت ڪئي هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔