تحريڪ عدم اعتماد سميت ڪنهن به مسئلي تي پيپلز پارٽي سان ڳالهيون نه ٿينديون: عمران خان

راولپنڊي: پي ٽي آءِ باني چيئرمين عمران خان چيو آهي ته تحريڪ عدم اعتماد سميت ڪنهن به مسئلي تي پيپلز پارٽي سان ڳالهيون نه ٿينديون.

اڊيالا جيل ۾ صحافين سان ڳالهين دوران عمران خان کان صحافي سوال ڪيو ته وفاق ۾ تحريڪ عدم اعتماد جي لاءِ اوهان جي پارٽي قيادت پيپلز پارٽي سان ڳالهين جو اشارو ڏنو آهي؟ جنهن تي اڳوڻي وزيراعظم جواب ڏنو ته پيپلز پارٽي ۽(ن) ليگ ۾ ڪوبه فرق نه آهي اهي هڪ آهن، هي ٻئي فارم 47 جي پيداوار آهن. تحريڪ عدم اعتماد سميت ڪنهن به مسئلي تي پيپلز پارٽي سان ڪنهن به قسم جون ڳالهيون نه ٿنديون. تحريڪ عدم اعتماد جي لاءِ پيپلز پارٽي سان تڏهن ڳالهيون ڪريان جڏهن مون کي اقتدار ۾ اچڻو هجي

عمران خان چيو ته ڪنهن به سياسي پارٽي تي پابندي جمهوريت جو قتل آهي، اسان جي پارٽي تي اڳ کان ئي پابندي هئي انهي کي چونڊن ۾ حصو نه وٺڻ نه ڏنو ويو. پارٽي جو چيئرمين، وائيس چيئرمين ۽ صدر اڳ ئي جيل ۾ هئا هي ٻيهر چون ٿا ته پارٽي تي پابندي لڳائينداسين مريم نواز چوي ٿي ته ججز صحيح نه آهن، ججز تڏهن صحيح هئا جڏهن هنن جا ڪيس ختم ڪيا ويا.

اڳوڻي وزياعظم چيو ته هن مخصوص ايليٽ طبقي جو 60 سالن کان ملڪ تي قبضو ۽ حڪمراني جاري آهي. ايليٽ پنهنجي مفادن جي تحفظ لاءِ ملڪ کي داءُ تي لڳائي ڇڏيو آهي. ساڳئي ايليٽ ملڪ ۾ صاف شفاف چونڊون ڪرائڻ نٿي چاهي. هن چيو ته بنون واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريان ٿو. ان سان حالتون وڌيڪ خراب ٿينديون. سڀني کي خبر آهي ته بنون واقعي جي دوران ملٽري هٿين خالي ماڻهن تي فائرنگ ڪئي، منهنجو مطالبو آهي ته بنون واقعي جي جوڊيشل انڪوائري ڪئي وڃي. دهشتگردي جي خلاف جنگ انهي وقت تائين نٿي کٽي سگهجي جيستائين قوم گڏ نه هجي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔