ملڪ جي اعليٰ عدالت ۾ ٻڌڻي هيٺ ڪيسن جو انگ تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي ويو

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ ڪيسن جو انگ تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي ويو آهي.

ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ٻڌڻي هيٺ ڪيسن جو انگ 59 هزار کان ٽپي ويو آهي.

سپريم ڪورٽ جي رپورٽ موجب، 15 جولاءِ تائين سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ ڪيسن جو انگ 59 هزار 64 هو، پهرين کان 15 جولاءِ تائين 1206 ڪيس داخل ٿيا، 481 ڪيس اُڪلايا ويا.

رپورٽ موجب، 15 ڏينهن دوران انساني حقن بابت ڪنهن به ڪيس جو فيصلو نه ٿي سگهيو، هاءِ ڪورٽس جي فيصلن خلاف 32 هزار کان وڌيڪ اپيلون ٻڌڻي جوڳيون هجڻ يا نه هجڻ جي اوسيئڙي ۾ آهن، ٻڌڻي هيٺ فوجداري اپيلن ۾ مسلسل واڌ ٿي رهي آهي ۽ انگ 10هزار کان ٽپي ويو آهي.

سپريم ڪورٽ جي رپورٽ موجب، جيلن ۾ موجود ماڻهن جي اپيلن جو انگ 3 هزار 295 تائين پهچي ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔