ڪي اليڪٽرڪ طرفان بجلي وڌيڪ مهانگي ڪرڻ لاءِ نيپرا ۾ درخواست

اسلام آباد: ڪي اليڪٽرڪ ڪراچي جي صارفين کي هڪ ٻيو جهٽڪو ڏيڻ جي تياري ڪري ورتي آهي، بجلي جو في يونٽ 5 رپيا 45 پئسا مهانگو ڪرڻ لاءِ نيپرا ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي آهي.

ڪي اليڪٽرڪ جي درخواست تي ڪراچي ۾ بجلي جي صارفين لاءِ بجلي في يونٽ 5 رپيا 45 پئسا مهانگو ٿيڻ جو خدشو آهي،ڪي اليڪٽرڪ اها درخواست فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ جمع ڪرائي ڇڏي

درخواست ۾ مئي ۽ جون ۾ ماهي ايف سي اي جي مد ۾ واڌ گهري وئي آهي، ۽ چيو ويو آهي ته مئي لاءِ 2 رپيا 53 پئسا ۽ جون ۾ ايف سي اي جي مد ۾ 2 رپيا 92 پئسا واڌ جي منظوري ڏني وڃي.

نيپرا طرفان ڪي اليڪٽرڪ جي درخواست تي 30 جولاءِ تي ٻڌڻي ڪئي ويندي، اٿارٽي ٻڌڻي بعد بجلي جي اگهن ۾ واڌ بابت حتمي فيصلو ڪندي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔