ڪراچي سميت سنڌ جي مختلف علائقن ۾ وسڪاري بعد گرميءَ جو زور ٽٽي پيو

ڪراچي سميت سنڌ جي مختلف علائقن ۾ وسڪاري بعد گرميءَ جو زور ٽٽي پيو

ڪراچي جي صدر، ڊفينس، محمود آباد، اختر ڪالوني، قائد آباد، گلشن حديد، سچل ڳوٺ، ابراهيم حيدري، سهراب ڳوٺ، ڪورنگي، ڪلفٽن ۽ ٻين علائقن ۾ ڪٿي تيز ته ڪٿي هلڪي برسات، گلشن اقبال، لاسي ڳوٺ، پورٽ قاسم، بنارس، ميمڻ ڳوٺ ۽ ٻين علائقن ۾ به وسڪارو

خيرپور ۾ گجگوڙ سان برسات، فيض گنج، ٺري ميرواهه ۽ دريا خان مري ۾ به برسات بعد گرميءَ جو زور ٽٽي پيو، ڪنڌرا ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ مٽيءَ جي طوفان سان تيز برسات بعد موسم خوشگوار

موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته اڄ دادو، ڄامشورو، قمبر شهدادڪوٽ، شهيد بينظير آباد، سکر، ڪشمور ۽ خيرپور ۾ وسڪاري جا امڪان آهن

لاڙڪاڻو، بدين، ٺٽو، سجاول، جيڪب آباد، شڪارپور، حيدرآباد، ٿرپارڪر، عمرڪوٽ، مٺي، ميرپورخاص ۽ سانگهڙ ۾ به تيز هوائن سان برسات جا امڪان، ڪجهه علائقن ۾ گجگوڙ سان طوفاني برسات پئجي سگهي ٿي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔