وزيراعظم شهباز شريف سان قانون واري وزير ۽ اٽارني جنرل جي ملاقات، اهم معاملن تي ڳالهيون

اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف سان قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ ۽ اٽارني جنرل منصور عثمان اعواڻ ملاقات ڪئي.

ذريعن موجب ملاقاٿ جي دوران مخصوص سيٽن بابت سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي وزيراعظم شهباز شريف کي بريفنگ ڏني وئي، جڏهن ته ايڊهاڪ ججز جي مقرري جو معاملو به غور هيٺ آيو.

ان موقعي تي پي ٽي آءِ تي پابندي ۽ آئين جي آرٽيڪل 6 جي تحت ڪارروائي جي حوالي سان پڻ بريفنگ ڏني وئي. ياد رهي ته سپريم ڪورٽ آف پاڪستان پشاور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو ۽ اليڪشن ڪميشن جو حڪم ڪالعدم قرار ڏيندي مخصوص سيٽون پاڪستان تحريڪ انصاف کي ڏيڻ جو حڪم ڏنو آهي.

ٻئي طرف پاڪستان تحريڪ انصاف تي پابندي ۽ مخصوص سيٽن بابت معاملي تي وزيراعظم شهباز شريف اتحادي پارٽين سان مشاورت جي شروعات به ڪري ڇڏي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔