بنگلاديش ۾ ڪوٽا سسٽم جي خلاف احتجاج، فوتين جو انگ وڌي 32 ٿي ويو

ڍاڪا: بنگلاديش ۾ سرڪاري نوڪرين ۾ ڪوٽا سسٽم جي خلاف شاگردن جو احتجاج جاري آهي، پوليس سان چڪرين دوران فوت ٿي ويل ماڻهن جو انگ وڌي 32 ٿي ويو آهي.

پرڏيهي خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب بنگلاديش جي راڄڌاني ڍاڪا ۾ هزارين شاگردن طرفان ڪوٽا سسٽم جي خلاف احتجاج جاري آهي، هٿياربند پوليس سان شاگردن جو ٽڪراءُ ٿيوجنهن دوران ڪيترن ئي شاگردن جي زخمي ٿيڻ جا پڻ اطلاع آهن، سرڪاري عهديدار ٻڌايو ته ڍاڪا ۾ خميس تي پوليس سان چڪرين ۾ هڪ بس ڊرائيور سميت 10 ڄڻا مارجي ويا، جيڪي هينئر تائين هڪ ڏينهن ۾ سڀني کان وڌيڪ فوتگيون آهن.

هن چيو ته بس ڊرائيور جي لاش  اسپتال آندي وئي جنهن جي سيني تي گولي لڳل هئي فوت ٿيل ماڻهن ۾ هڪ رڪشا ڊرائيور ۽ 3 شاگرد به شامل آهن.

اکين ڏٺن شاهدن ٻڌايو ته پوليس طرفان فائر ڪيا ويا، ڳوڙها آڻيندڙ گيس جا شيل ۽ رٻڙ جون گوليون لڳڻ سبب ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿي پيا. مظاهرين گاڏين پوليس جي چوڪين ۽ ٻين شين کي باهيون ڏئي ساڙي ڇڏيو.

پوليس ڍاڪا يونيورسٽي جي ڪيمپس ڀرسان جمع ٿيل مظاهرين کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ ڳوڙها آڻيندڙ گيس جا شيل فائر ڪيا، اختيارين مظاهرين کي محدود ڪرڻ جي لاءِ موبائل، انٽرنيٽ سروس به معطل ڪري ڇڏي آهي.

ٻئي طرف چٽاگانگ ۾ به پوليس احتجاج ڪندڙ شاگردن تي ڳوڙها آڻيندڙ گيس جو استعمال ڪيو جنهن هاءِ وي بلاڪ ڪري رکي هئي. بنگلاديش جي وزيراعظم حسينه واجد کي هلندڙ سال جنوري ۾ چوٿون ڀيرو وزيراعظم جو عهدو سنڀالڻ کان پوءِ نوجوانن ۾ بيروزگاري ۾ اضافي سبب سخت احتجاج کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.

رپورٽ موجب ملڪ جي 17 ڪروڙ آبادي جو تقريبن پنجون حصو روزگار ۽ تعليم کان محروم آهي، ان لاءِ سڄي ملڪ ۾ احتجاج ڪيو پيو وڃي. مظاهرين جو مطالبو آهي ته سرڪاري نوڪرين ۾ 1971 جي جنگ ۾ فوت ٿي ويل ماڻهن جي خاندانن جو مقرر ٿيل 30 سيڪڙو ڪوٽا ختم ڪيو وڃي.

جڏهن ته بنگلاديش جي وزيراعظم شيخ حسينه واجد مظاهرين جي مطالبن کي رد ڪري ڇڏيو آهي. آمريڪي سفارتخاني پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته هو صورتحال جو ويجهي کان جائزو وٺي رهيا آهن آمريڪي شهرين کي هدايت ڪئي وئي آهي ته اهي مظاهرن ۽ اجتماعن ۾ وڃڻ کان پاسو ڪن.

بنگلاديش جي اختيارين سرڪاري ۽ نجي ڪاليج، يونيورسٽيون، اسڪول اربع کان اڻڄاتل مدي تائين بند ڪري ڇڏيا آهن. خصوصي پوليس ۽ بارڊر گارڊز جي اهلڪارن کي يونيورسٽين ۾ مقرر ڪيو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔