لاهور هاءِ ڪورٽ وفاقي حڪومت کان پيٽروليم شين جون قيمتون وڌائڻ جو طريقيڪار طلب ڪري ورتو

لاهور: لاهور هاءِ ڪورٽ وفاقي حڪومت کان پيٽروليم شين جون قيمتون وڌائڻ جو طريقيڪار طلب ڪري ورتو آهي.

لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس شاهد ڪريم پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ جي خلاف درخواست جي ٻڌڻي ڪئي جنهن سلسلي ۾ اسسٽنٽ اٽارني جنرل ۽ درخواستگذار جو وڪيل عدالت ۾ پيش ٿيا.

درخواستگذار جي وڪيل چيو ته پيٽرول جون قيمتون وڌڻ سبب مهانگائي ۾ وڌيڪ اضافو ٿي ويو آهي، حڪومت بنا ڪنهن سبب جي پيٽروليم شين جون قيمتون وڌائي ڇڏيندي آهي.

ٻڌڻي دوران اسسٽنٽ اٽارني جنرل چيو ته پيٽرول انٽرنيشنل مارڪيٽ موجب وڌايو ويو آهي جنهن تي درخواستگذار جي وڪيل چيو ته اوگرا ۽ حڪومتي موقف سمجهه کان مٿانهون آهي عوام کي پيٽرول وڌائڻ بابت پڪا سبب به پيش نه پيا ڪيا وڃن.

عدالت چيو ته وفاقي حڪومت رڪارڊ تي آڻي ته پيٽرول جي قيمت ڪهڙي طرح مقرر ڪئي ويندي آهي ۽ پيٽروليم شين جون قيمتون وڌائڻ جو طريقو واضح ڪيو وڃي. جنهن کان پوءِ عدالت وفاقي حڪومت کي هدايت ڪندي جواب طلب ڪري ورتو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔