عدت نڪاح ڪيس: خاور مانيڪا عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جي بريت خلاف اپيل داخل ڪري ڇڏي

اسلام آباد: خاور مانيڪا عدت دوران نڪاح ڪيس ۾ پي ٽي آءِ باني عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جي بريت خلاف اپيل اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ڪري ڇڏي.

درخواست ۾ بشريٰ بي بي ۽ پي ٽي آءِ باني کي ڌر بنايو ويو آهي جنهن ۾ خاور مانيڪا اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کان پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بي بي جي بريت ڪالعدم قرار ڏيڻ جي استدعا ڪئي آهي.

اپيل ۾ چيو آهي ته 13 جولاءِ جي بريت جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي 3 فيبروري جو جوڊيشل مئجسٽريٽ جي سزا جو فيصلو بحال ڪيو وڃي. 13 جولاءِ جو فيصلو قانون جي نظر ۾ برقرار نٿو رهي سگهي.

ياد رهي ته ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج محمد افضل مجوڪا پي ٽي آءِ باني عمران خان ۽ بشريٰ بي بي کي ڪيس مان بري ڪري ڇڏيو هو. عدالت پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بي بي جي 7-7 سالن جي سزا ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏي هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔