حامد خان به ملڪ ۾ آئيني بريڪ ڊائون جو امڪان ظاهر ڪري ڇڏيو

اسلام آباد: پاڪستان تحريڪ انصاف جي سينئر اڳواڻ حامد خان به ملڪ ۾ آئيني بريڪ ڊائون جو امڪان ظاهر ڪري ڇڏيو آهي.

نجي چينل سان ڳالهيون ڪندي حامد خان چيو ته موجوده حڪومت غير آئيني حرڪتن سان ملڪ کي آئيني بريڪ ڊائون طرف کڻي وڃي رهي آهي

هن چيو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلن تي عمل نه ٿيو ته سمورو آئيني نظام تباهه ٿي ويندو آهي. اڳ به ساڳئي وزيراعظم چونڊن بابت سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي عمل نه ڪيو هو.

حامد خان چيو ته سپريم ڪورٽ ۾ ايڊهاڪ ججز جي مقرري غلط ۽ بدنيتي تي ٻڌل قدم آهي. ماضي ۾ غلط فيصلا ڪرڻ جي لاءِ ايڊهاڪ ججز کي استعمال ڪيو ويو آهي. پاڪستان بار ڪونسل ۾ ڪجهه ماڻهو آهن جيڪي اسٽيبلشمينٽ جي لائن کي اڳيان وڌائي رهيا آهن هو وڪيلن جي نمائندگي نه پيا ڪن.

ياد رهي ته ان کان اڳ دفاع واري وزير خواجه آصف چيو هو ته ملڪ ۾ آئيني بحران ۽ آئيني بريڪ ڊائون جو خطرو آهي. اقتدار ڦرجي وڃڻ کان پوءِ پي ٽي آءِ پاڪستان جي لاءِ خطرو بڻجي وئي آهي.

دفاع واري وزير خواجه آصف نجي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهيون ڪندي چيو هو ته عدليه ۾ سياسي تعلق ڪم ڪري رهيو آهي اوهان عدليه جا ريمارڪس ڏسي وٺو مون کي آئيني بريڪ ڊائون نظر اچي رهيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔