سعودي حڪومت هلندڙ سال حج بابت اهم تجويزن تي غور شروع ڪري ڇڏيو

اسلام آباد: هلندڙ سال حج بابت فيصلو 15 جون تائين ٿيڻ جو امڪان آهي پر مختلف تجويزن تي غور ڪيو پيو وڃي.

رپورٽ موجب هلندڙ سال حج بابت سعودي حڪومت جو مختلف تجويزن تي غور جاري آهي. سعودي عرب حتمي پاليسي جي جاري ٿيڻ کان اڳ پاڪستان سميت  وڏن مسلمان ملڪن سان صلاح مشورا ڪندو. مذهبي معاملن واري وزارت جي ذريعن موجب هلندڙ سال حج بابت فيصلو 15 جون تائين ٿيڻ جو امڪان آهي. جڏهن ته هلندڙ سال حج جي لاءِ سمورن وڏن ملڪن جو 80 سيڪڙو ڪوٽا ختم ٿيڻ جي تجويز به غور هيٺ آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔