نيشنل ڪرڪيٽ اڪيڊمي اڄ کان نيشنل هاءِ پرفارمنس جيان ڪم ڪندي

لاهور: پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي نيشنل ڪرڪيٽ اڪيڊمي اڄ کان نيشنل هاءِ پرفارمنس سينٽر  جي طور تي ڪم ڪندي. ڊائريڪٽر هاءِ پرفارمنس سينٽر نديم خان اڄ کان باقاعده ان جو نگران بڻجي ويندو.

هو هاءِ پرفارمنس سينٽر، ڊوميسٽڪ ۽ گراس روٽ ڪرڪيٽ جي معاملن کي به ڏسندو. هيڊ آف انٽرنيشنل ڊوالپمينٽ ثقلين مشتاق ايندڙ هفتي کان ذميواريون سنڀاليندو. 

سندس مٿان ذميواري رانديگرن جي ڊوالپمينٽ ۽ نون رانديگرن جي ڳولا هوندي. هيڊ آف ڪوچنگ جي لاءِ قومي ٽيم جي اڳوڻي فيلڊنگ ڪوچ گرانٽ بريڊبرن جي چونڊ ڪئي وئي آهي. هو ڊوميسٽڪ ڪوچز جي ڊوالپمينٽ ۽ ڪوچ ايجوڪيشن جا معاملا سنڀاليندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔