ترڪ ڊرامي ارطغرل غازي جي هيروئن ايسرا پاڪستان کي خوبصورت ملڪ قرار ڏئي ڇڏيو

ڪراچي : ترڪ ڊرامه سيريل ارطغرل غازي ۾ هيروئن جو ڪردار ادا ڪندڙ ايسرا بيلگيج پاڪستان کي خوبصورت ملڪ قرار ڏئي ڇڏيو آهي. تفصيل موجب ترڪ ڊرامي ارطغرل غازي جي مقبوليت پاڪستان ۾ لاڳيتو وڌي رهي آهي ۽ ان ۾ ڪم ڪندڙ اداڪارن جو پاڪستاني مداحن جي انگ ۾ به واڌ ٿي رهي آهي. ڊرامي ۾ ارطغرل غازي جو ڪردار 41 ساله انجين التان دوزيتان نڀايو آهي. جڏهن ته ان جي زال حليمه سلطان جو ڪردار 28 سالا ايسرا بيلگيج ادا ڪيو آهي. ٻنهي اداڪارن ۽ خاص طور تي حليما سلطان کي پاڪستان ۾ تمام گهڻي مقبوليت ملي آهي جنهن کان پوءِ سوشل ميڊيا تي فالو ڪرڻ سميت ان سان محبت جو اظهار ڪرڻ به شروع ڪيو ۽ ٻڌايو ته ڪهڙي طرح پاڪستاني مداح مون کي چاهڻ لڳا آهن. ڊرامو مداحن طرفان ٽن هفتن ۾ حليما سلطان يعني ايسرا بيلگيج سوشل ميڊيا  اڪائونٽ تي ان جي تعريف ۾ ڪمينٽس ڪيا آهن جنهن کان پوءِ پاڪستاني عوام کيس ملڻ ۽ پاڪستان اچڻ جي دعوت ڏيندي نظر اچي رهيا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔